جواهري ڀاٽيا

جواهري ڀاٽيا: جواهري ڀاٽيا ذات جا ماڻهو جيسلمير ۽ بهاولپور کان اول روهڙي ۾ آيا. مير فتح علي خان ٽالپر جي وقت ۾ حيدرآباد گاديءَ جو هنڌ ٿيو ته هي روهڙيءَ کان شاهي سڙڪ وٺي حيدرآباد آيا، پوءِ ڀاٽيا حيدرآباد جي لونگ ڀڳت واري گهٽيءَ ۾ دڪان ۽ ڪوٺيون ڪڍي اچي ويٺا. سندن مک ڌنڌو موتين ۽ جواهرن جو هو، جنهنڪري ’جواهري ڀاٽيا‘ سڏجڻ ۾ آيا ۽ سندن گهٽي به ’جواهري گهٽي‘ سڏبي هئي. هي انگريزن جي صاحبيءَ ۾ علم پرائي سرڪاري نوڪرين ۾ گهڙيا، ڪي وڪيل ٿيا ته ڪي آفيسر. اول روهڙيءَ کان سيٺ گوبند آيو هو، کيس ٻه پٽ هئا. جن مان وڏو پٽ شوقيرام هو، جنهن جو پٽ چانڊو مل، ميرن جو جواهري هو. ٻيو وشنداس ڪپهه جو وڏو واپاري هو. وشنداس جو پٽ روچيرام حيدرآباد ميونسپل واٽر ورڪس ۾ انجنيئر هو. 15 اپريل 1906ع تي رات جو قلعي ۾ لڳل باهه، حيدرآباد جي خزاني آفيس ۽ ڪچهري آفيس کي لڳل باهه ۽ ٺٺي پلنگ پاڙي ۾ لڳل باهه، هي ٽئي باهيون روچيرام وسايون هيون، پوءِ هن نک جا ڪيترائي ماڻهو لکيا پڙهيا، نوڪرين ۾ آيا ۽ نالو ڪمايائون .


لفظ جواهري ڀاٽياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو